اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي اڳواڻن، گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل ۽ عالمي مالياتي ادار?? جي سربراهن کي اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن کي قرضن ۾ رليف فراهم ڪن. عالمي برادري کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا جي صورتحال سان پوري دنيا متاثر ٿي آهي ??ر ترقي يافته ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ ان حوالي سان جدا ردعمل آيو آهي، ترقي يافته ??لڪن وٽ وسيلن ۽ پئسي جي کوٽ نه آهي ۽ اهي ??ڏي رقم خرچ ڪري صورتحال جو مقابلو ڪري رهيا آهن پر اسرندڙ ملڪن ۾ لاڪ ڊائون ۽ معاشي سرگرميون نه ٿ??ڻ سان عوام کي بک ۽ سخت معاشي مسئلا درپيش آهن.