اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چ??و آهي ته قوم کي خاطري ڪرايون ٿا ته ڪرونا وائرس جي وبا جو ڄمي مقابلو ڪنداسين ۽ سڄي قوم کي گڏ کڻي هلنداسين?? قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو و??و آهي، ان ۾ سمورن صوبن کي به گهرايو و??و آهي جنهن ۾ ان حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويندا، هر ملڪ ان بيماري جي خلاف پنهنجي طور قدم کڻي ره??و آهي?? قومي اسيمبلي ۾ ڪرونا وائرس جي حوالي سا?? اٿاريل اعتراض وارن نقطن جو جواب ڏيندي وفاقي وزير شفقت محمود ??يو ته واقعي وڏي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، حڪومت ان صورتحال کان آگاهه آهي ۽ قدم کنيا پيا وڃن.