اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلا??ات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب رواني ٿي وئي آهي، هو جده ۾ ا?? آءِ سي قائم ٿيڻ جي گولڊن جوبلي تقريبن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي. اطلا??ات واري خصوصي معاون ا?? آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ۽ سعودي پرڏيهي وزير جي دعوت تي گولڊن جوبلي تقريبن ۾ شرڪت ڪندي. باني ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ا?? آءِ سي ۾ سدائين فعال ۽ متحرڪ ڪردار ا??ا ڪيو آهي.