اسلام آباد– 19 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان نيشنل ڊيولپمينٽ ڪمپليڪس ۽ ٽن واپاري ادارن تي آمريڪي پاب??دي?? تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته پاڪستان اين ڊي سي ۽ ٽن واپاري ادارن تي پاب??دي??ن هڻڻ جي آمريڪي فيصلي کي بدقسمتي ۽ معتصباڻو قرار ڏي ٿو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان جي اسٽريٽجڪ صلاحيتن جو مقصد ان جي خودمختيار?? جو دفاع ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ اس??حڪ??م کي برقرار رکڻ آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نيون پاب??دي??ن امن ۽ سلامتي جي مقصد کان انحراف ڪن ٿيون جنهن جو مقصد فوجي عدم توازن کي وڌائڻ آهي، اهڙي طرح جون پاليسيون اسان جي خطي ۽ ان کان ٻاهر جي اسٽريٽجڪ اس??حڪ??م جي لاءِ خطرناڪ آهن. بيان موجب پاڪستان جو اسٽريٽجڪ پروگرام هڪ مقدس امانت آهي جنهن کي 240 ملين ماڻهن پاڪستان جي قيادت کي عطا ڪيو آهي. ان امانت جي تقدس کي جنهن کي پوري پوليٽيڪل اسپيڪٽرم ۾ تمام گهڻي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، تي ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي. پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسان کي نجي واپاري ادارن تي پاب??دي??ن هڻڻ تي پڻ افسوس آهي، ماضي ۾ واپاري ادارن جُون اهڙي طرح جون فهرستون بنا ڪنهن ثبوت جي رڳو شڪ تي ٻڌل هيون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته عدم ڦهلاءُ جي اصولن تي سختي سان عمل پيرا ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي جڏهن ته ماضي ۾ ٻين ملڪن کي جديد فوجي ٽيڪنالاجي جي لاءِ لائيسنس جي شرط کي ختم ڪيو ويو آهي. پاڪستان واضح ڪيو ته اهڙي طرح جا ٻٽا معيار ۽ امتيازي طرزعمل نه رڳو عدم ڦهلاءُ جي ڪوششن جي ساک کي نق??ان پهچائين ٿا پر علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي پڻ خطري ۾ وجهن ٿا.