اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ 23 مارچ پاڪستان جي ڏهاڙي جي حوالي سان پن??نجي پيغام ۾ چيو آهي ته 23 مارچ وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي ۽ انهي ڏينهن اسان تحريڪ پاڪستان جي انهن سمورن قومي هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ جي لا??ِ قرارداد پاڪستان منظور ڪئي. پاڪستان جي ڏهاڙي تي پن??نجي وڊيو پيغام ۾ خاص مددگار چ??و ته اڄ جو ڏينهن انهن جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. ڪيترائي ڏهاڪا اڳ انهن جنهن جدوجهد جي شروعات ڪئي جنهن کانپوءِ پاڪستان وجود ۾ آيو، اڄ هندستان پن??نجي انتهاپسندي، مذهبي اختلافن ۽ هندوتوا کي فروغ ڏئي 23 مارچ جي ڏينهن جي اهميت ۽ فوقيت کي اڃا وڌيڪ اجاگر ڪري ڇڏيو آهي.