اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ ش??رين جي ٽرائل بابت د??خواستن جي ٻُڌڻي 9 جنوري تائين ملتوي ڪندي بچاءَ واري وزارت جي وڪيل کي فوجي عدالتن جي حوالي سان انٽرنيشنل پريڪٽسز بابت آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 7 رڪني آئيني بينچ ڪالهه فوجي عدالتن ۾ ش??رين جي ٽرائل بابت د??خواستن جي ٻُڌڻي ڪئي. بينچ ۾ جسٽس جمال مندوخيل، ج??ٽس نعيم اختر افغان، ج??ٽس حسن اظهر رضوي، ج??ٽس مسرت هلالي، ج??ٽس محمدعلي مظهر ۽ جسٽس شاهد حسن بلال شامل آهن. ٻُڌڻيءَ جي شروعات ??ي بچاءَ واري وزارت جي وڪيل فوجي عدالت ۾ ش??رين جي ڪيسن جي ٻُڌڻي بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو پڙهي ٻُڌايو. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته موجوده ڪيس ۾ 9 مئي جي ڀڃ ڊاهه جا ملزم فوجي ناهن، کين شهري چئي سگهجي ٿو، ڇا انهن تي آرمي ايڪٽ تحت ڪيس هلائي سگهجي ٿو؟ جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان جو آئين معطل ناهي. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته قانونسازيءَ جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي. چيو وڃي ٿو ته پارليامينٽ سپريم آهي پر بالادستي آئين جي آهي. عدالت د??خواست جي ٻُڌڻي صبح 9 جنوري تائين ملتوي ڪندي وڪيل کي چيو ته هو عدالت کي فوجي عدالت بابت انٽرنيشنل پريڪٽسز ??ي بريفنگ ڏي.