اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري عمران احمد ص??يقي گڏيل قومن جي 10هين الائنس آف سولائزيشنز (يو ??ين اي او سي) گلوبل فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب يو ??ين اي او سي جي اعليٰ سطحي گروپ آف فرينڊز جي وزارتي ميٽنگ ۽ مذهبي ج??ين جي حفاظت تي عالمي ڪانفرنس ڪاسڪيس پرتگال ۾ منعقد ٿي. ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ وفد ۾ پرتگال ۾ پاڪستان جو سفير خالد اعجاز پڻ شامل هو. عمران احمد ص??يقي ان موقعي تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ مسجدن تي ڄاڻي واڻي حملن، جيڪي اڪثر ڇوٽ ۽ رياستي اجازت سان ڪيا وڃن ٿا، ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي تي ڳڻتي جو اظه??ر ڪيو. هن يو ??ين اي او سي تي زور ڏنو ته اها تباهي جي خطري ۾ ورتل مسجدن ۽ ٻين اسلامي مذهبي ۽ ثقافتي ورثو رکندڙ ج??ين جي تحفظ کي ترجيح ڏي.