اسلام آباد – 30 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چي?? آهي، ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان فائرنگ ۽ گولين لڳڻ سبب زخمي ٿيڻ جون خبرون هٿ ٺوڪيون ۽ غلط آهن. اهو ٻڌايو وڃي ته ميتيون ڪٿي آهن ۽ انهن جون قبرون ڪٿي آهن. گذريل ڏينهن نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم چ??و ته نام نهاد احتجاجي مظاهرين ڳرن هٿيارن ۽ آنسو گئس جي شيلز سان حملو ڪيو، جٿو انارڪي پکيڙڻ ۽ مار ڪٽ لاءِ تيار هو، اسان جي سيڪي??رٽ?? ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پنهنجي ساٿين جي فوت ٿيڻ باوجود صبر ۽ تحمل کان ڪم ورتو. نائب وزيراعظم چ??و ته پي ٽي آءِ جي قيادت پنهنجي ڪارڪنن کي اڪيلو ڇڏيو ۽ هاڻي رياستي بربريت جو مذاق جهڙو ۽ ڪوڙ تي ٻڌل بيانيو ٺاهي رهيا آهن.