اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، ??ڌا??ن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته ??عل??مي نظام کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ نه رڳو وقت جي ضرورت آهي، پر اسان جي ايندڙ نسلن جي ڪاميابي لاءِ بنيادي شرط به آهي. تختي کان ٽيڪنالاجي تائين جو سفر اسان جي ??عل??م جي ا??تق?? جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ هي سفر تيز رفتار ترقي طرف اشارو ڪري ٿو. انهن خيالن جو اظهار هن انٽر بورڊ ڪو آرڊينيشن ڪميشن جي انتظام هيٺ منعقد ماڊل اسيسمنٽ فريم ورڪ جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ جو دور علم تي ٻڌل معيشت جو آهي، جتي ٽيڪنالاجي، تخليقي صلاحيتن ۽ جديد مهارتون نوجوانن لاءِ عالمي معيشت ۾ مقام حاصل ڪرڻ جو بنيادي عنصر آهي. اسان کي پنهنجي ??عل??مي نظام کي اهڙي نصاب ۽ تربيتي پروگرامن سان آراسته ڪرڻ گهرجي جيڪي شاگردن کي نه رڳو موجوده دور جي پر مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪن. ان مقصد لاءِ اسان کي انقلابي قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته ويزن 2025ع تحت ??عل??م واري وزارت نصاب ۽ امتحاني نظام جي ??ڌا??ن جا منصوبا ڏنا ويا، استادن جي تربيت کان سواءِ معياري ??عل??م جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي، جلد ئي اسلام آباد ۾ عالمي معيار جي ٽيچر ٽريننگ ادارو قائم ڪيو ويندو. امتحاني نظام ۾ ??ڌا??ن کان سواءِ ??عل??مي معيار بهتر نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته قومي نصاب کي جديد گهرجن مطابق ڪرڻ تي ڪم شروع ٿي ويو آهي، قومي نصاب ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي. ملڪ جي ??عل??مي ماهرن کي گهرائي جديد ٽيڪنالاجي مطابق ??عل??مي نصاب ٺاهيو ويندو جيڪو جديد دور جي گهرجن مطابق هجي، پاڪستان ايجوڪيشن ڊسٽرڪٽ انڊيڪس رپورٽ اسان جي ??عل??مي نظام جي ناڪامي جي عڪاس آهي، ??عل??مي ايمرجنسي نه لڳائي ته دنيا کان پوئتي رهجي وينداسين. ارڙهين ترميم کان پوءِ اسان اهو سوچيو ته صوبن وٽ هي شعبه وڃڻ کان پوءِ ڪارڪردگي بهتر ٿيندي پر ايئن نه ٿيو. هن چيو ته فائيو ايز فريم ورڪ ۾ معياري ??عل??م جي فراهمي فائيو ايز جو هڪ اهم جزو اهي، ٻارن ۾ پاڻ سڃاڻڻ جي صلاحيت اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، ??عل??مي بورڊز کي خوداحتسابي ذريعي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻي پوندي.