اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾”??يس ڪيڊ“ پوليس خدمت مرڪز جو دورو ڪيو. گذريل ڏي??هن وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب پنهنجي دوري دوران وز??را??ظم محمد شهباز شريف سفارتڪارن ۽ پرڏيهي شهرين لاءِ جديد سهولتن سان ليس خدمت مرڪز جي قيام جي واکاڻ ڪئي. وز??را??ظم پوليس خدمت مرڪز جي قيام لاءِ گهرو وزير محسن نقوي جي قدمن کي ساراهيو. وز??را??ظم چيو ته سفارتي برادري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪ??ڻ اسان جي ترجيح آهي. اسلام آباد ۾ عالمي معيار موجب ۽ حاضر دور جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي ??يس ڪيڊ خدمت مرڪز جو قيام واکاڻ جوڳو آهي. خدمت مرڪز ۾ سفارتي برادري ۽ پرڏيهي شهرين کي ??را??يونگ لائسنس جاري ۽ تجديد ڪرڻ، ڪريڪٽر سرٽيفڪيٽ، جنرل پوليس ??يريفڪيشن، گمشدگي رپورٽ، مسواڙين جي رجسٽريشن، فارنرز رجسٽريشن، گهريلو ملازمن جي رجسٽريشن، والنٽيئرز رجسٽريشن، گاڏين جي ويريفڪيشن ۽ ايف آءِ آر جي ڪاپي حاصل ڪرڻ جهڙيون خدمتون مهيا ڪيون وينديون. ان موقعي تي نائب وز??را??ظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير محسن نقوي به ساڻس گڏ هئا.