اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ خوارج جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سيڪيورٽي ??هلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شهيد اهلڪارن بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو ۽ شهادت ماڻي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سيڪيورٽي ??هلڪارن ک?? ڪارروائي دوران 5 دهشتگرد مارڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. وقتي صدر جو چوڻ هو ته ملڪ جي دفاع لاءِ فتنه الخوارج جي خلاف وڙهندي جانين جو ن??را??و پيش ڪرڻ تي سيڪيورٽي ??هلڪارن کي سلام پيش ڪريون ٿا، دهشتگرد عنصرن جي خاتمي لاءِ ڪارروايون جاري رکنداسين، ملڪ جي دفاع جي لاءِ جانين جو ن??را??و پيش ڪندڙ جوانن کي پوري قوم قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. وقتي صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.