اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گلگت بلتستان جي گهانچي جهڙي ڏورانهن علائقي ۾ اعليٰ تعليم جي اداري ??مد?? يونيورسٽي جو قيام انتهائي خوش آئنده آهي، گلگت بلتستان جي ترقي ۽ اتان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان ۾ ٿاگوس، ضلعي گهانچي وٽ قائ?? ڪئي ويندڙ ??مد?? يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب اسلام آباد ۾ منعقد ٿي. ??مد?? يونيورسٽي هڪ ٽرسٽ تحت قائ?? ڪئي پئي وڃي. ??مد?? يونيورسٽي جي تعمير سمنڊ پار پاڪستانين سميت سڄي پاڪستان مان سرندي وارن ماڻهن جي تعاون سان مڪمل ٿيندي. ان کانسواءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ??مد?? يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ ??ي تقريب کي خط??ب ڪندي چيو ته جسٽس (ر) خليل الرحمان ??مد?? ۽ سندس سمورن ساٿين کي دل جي گهراين سان ??مد?? يونيورسٽي جي قيام جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، ??مد?? يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان تعاون ڪندڙ سمورن ادارن ۽ ماڻهن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته اڄ اسان سڀ گڏجي هتان جي ٻارن ۽ ٻارڙين جي روشن مستقبل جو بنياد رکيو آهي، گلگت بلتستان جي گهانچي جهڙي ڏورانهين علائقي ۾ اعليٰ تعليم جي اداري جو قيام انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم چيو ته مون کي يقين آهي ته 11 هزار فٽ جي بلندي تي ٿاگوس وٽ قائم ٿيندڙ اها يونيورسٽي جديد علم ۽ تحقيق جي معيار جون بلند چوٽيون پار ڪندي، انشاءَ الله پاڪستان ۾ تعليم جي فروغ ۾ نجي شعبي جو ڪردار انتهائي اهم آهي، نجي تعليمي ادارن مان فارغ ٿيندڙ شاگردن هر شعبي ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي. هن چيو ته گلگت بلتستان جي ترقي ۽ اتان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، گذريل ڏينهن گلگت بلتستان جي دوري دوران ٻوڏ کان متاثر 62 خاندانن کي گهر حوالي ڪيا ويا آهن، گلگت بلتستان ۾ 100 ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي جي شروعات ڪئي وئي جيڪو علائقي جي بجلي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. وزيراعظم چيو ته ڪالهه ئي گلگت بلتستان ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ جو اعلان ڪيو آهي جنهن سان گلگت بلتستان جا قابل ۽ مستحق شاگرد فائدو کڻي سگهندا ۽ معاشري جي تعميري ماڻهن جي طور تي پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهندا. تقريب ۾ جسٽس (ر) خليل الرحمان ??مد??، ??مد?? يونيورسٽي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ??مد?? يونيورسٽي گلگت بلتستان جي ضلعي گهانچي جي علائقي ٿاگوس ۾ 200 ڪينال ايراضي تي قائ?? ڪئي پئي وڃي، ??مد?? يونيورسٽي دنيا جي بلند ترين جاين تي تعمير ڪئي ويندڙ يونيورسٽين مان هڪ هوندي، يونيورسٽي ۾ ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي، هائيڊرولوجي، معدنيات سميت ٻين مضمونن جي تعليم ڏني ويندي. ا??فن??يار ولي ??مد?? اسڪول گهانچي جي شاگردن قومي ترانو پيش ڪيو. ا??فن??يار ولي اسڪول گهانچي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڊيو لنڪ جي ذريعي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.