ڪوئيٽا-01 نومبر (اي پي پي) بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ بم ڌماڪي ۾ پوليس اهلڪار سميت 05 ڄڻا شهيد ۽ 13 زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب جمعي ڏينهن مستونگ ۾ گرلز هاءِ اسڪو?? ڀرسان بيٺل پوليس و??ن ويجهو زودار ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 5 ماڻهو شهيد ٿي پيا جڏهن ته 13 ٻيا زخمي ٿي پيا. جن ?? هسيب انور، سميع الله، صفي الله ۽ خير النسا شامل آهن. ڌماڪي ۾ ٻارن سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جن ?? امان الله، عائشه، عينه،رونيرا، بابا، عنايا،ام ارم،، دلدار، اختر ??لي، انيس الرحمٰن، ملڪ حمزه، محمد عرفان، امير حمزه، عبدلارزاق، تنوير احمد ۽ محمد ٿرفان شامل آهن. پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز اطلاع ملندي ئي موقعي تي پهچي ويون. لاشن ۽ زخمين کي فوري طور تي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال مستونگ منتقل ڪيو ويو جتان سخت زخمين کي کي وڌيڪ علاج لاءِ ڪوئٽه ٽرامه سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز علائقي جو ڪڙو چاڙهي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.