اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي لاءِ گڏيل ڪوششن جو هجڻ تمام اهم آهي، ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ دنيا ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اسان کي ان سان گڏ هلڻو آهي. امرجنگ ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. گذريل ڏينهن مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه جاز، نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحين واري ??قريب کي خطاب ڪري ??هي هئي، جنهن جو بندوبست آءِ ٽي وزارت جي ڪميٽي روم ۾ ڪيو ويو. ان موقعي تي آءِ ٽي جي سيڪريٽري ??رار هاشم خان، اسپيشل سيڪريٽري ??ءِ ٽي ڊويزن اظفر منظور پڻ موجود هئا. هن چيو ته جاز، نسٽ ۽ اين آءِ ٽي بي وچ ۾ اهو سهڪار نه صرف انوويشن کي هٿي ڏيندو پر پاڪستان کي مصنوعي ذهانت جي ميدان ۾ اڳواڻ بڻجي اُڀرڻ ۾ مددگار به بڻجندو، ان ايم او يو تحت پاڪستان جي پهرين لوڪل لارج لينگويج ماڊل جي تياري ٽائيم لائن ۾ ٿيڻ تمام ضروري ??هي، جنهن لاءِ پريڪٽيڪل قدم کڻڻا پوندا. هن اڪيڊميا ۽ انڊسٽري وچ ۾ مضبوط رابطا قائم ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو ته اڪيڊميا انڊسٽري ??رج ذريعي نوجوانن لاءِ مل??زمتن جا موقعا پيدا ڪري ??گهجن ٿا، اسان کي پنهنجي نوجوانن کي جديد آءِ ٽي اسڪلز سان آراسته ڪرڻو آهي. جاز جي سي اِي او عامر ابراهيم چيو ته پاڪستان جي مستقبل لاءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ وڏن لينگويج ماڊلز ۾ جدت اهم حيثيت رکي ٿي، اسان هڪ اهڙو مقامي ماحول جوڙڻ لاءِ پُرعزم آهيون جيڪو اسان جي ڪميونٽيز جي منفرد ضرورتن کي پورو ڪري. نسٽ ۽ اين آءِ ٽي بي سان گڏ ڀائيواري ??ريعي اسان ڊجيٽل خال کي گهٽ ڪندي استادن، ڊاڪٽرن ۽ هارين کي انهن جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ضروري ڄاڻ ۽ ٽولز فر??هم ??ند??سين، اهو سهڪار هڪ ??ومي مشن آهي جيڪو ڊجيٽل شموليت جي ميدان ۾ تيز رفتار ترقيءَ جو سبب بڻجندو، ايندڙ مهينن ۾ اسان جو هدف هڪ ??عال ماڊل تيار ڪرڻ آهي جيڪو پاڪستان ۾ هڪ انقلابي اي آءِ فريم ورڪ جو بنياد رکندو. ان موقعي تي آءِ ٽي وزارت ۽ ذيلي ادارن جي آفيسرن، سي اي او جاز عامر ابراهيم ۽ نسٽ جي ريڪٽر انجنيئر جاويد محمود بخاري پڻ موجود هئا.