راولپنڊي-04 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سي?? عاصم منير سان ڪالهه هتي ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن اسٽريٽجڪ مفادن، علائقائي سلامتي ۽ دفاعي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم جي ملاقات ۾ پاڪستان، ملائيشيا ٻطرفن لاڳاپن خاص ڪري فو??ي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. ملائيشيا جي وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام ۾ پاڪ فوج جي ڪردار ۽ دهشتگردي سان جنگ ۾ به پاڪستاني فوج جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ دهشتگردن خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين ??و اعتراف ڪيو. ملائيشيا جي وزيراعظم آرمي چيف کي ملائيشيا جي دوري جي دعوت ڏني جنهن تي آرمي چيف سندس ٿورو مڃيو، جڏهن ته ملاقات ۾ ان ڳالهه ??و اظهار ڪيو ويو ته دوري سان ٻنهي ملڪن ۽ فوج وچ ۾ پائيدار ۽ تاريخي لاڳا??ن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ايوان صدر ?? ملائيشيا جي وزيراعظم جي اعزاز ۾ منعقد تقريب ۾ به شرڪت ڪئي.