اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ??يپلز پارٽي جي چي??رم??ن بلاول ڀٽو زرداريءَ جي 36هين سالگره 21 سيپٽمبر ڇنڇر ڏينهن ملهائي ويندي، سڄي ملڪ ۾ سالگره تقريبون منعقد ڪيون وينديون جڏهن ته پارٽي وومن ونگ پنجاب جي انتظام هيٺ لاهور ۾ مرڪزي تقريب پنجاب سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيندي جنهن جي خاص مهمان ?? پ اڳواڻ ثمينه خالد گهرڪي هوندي. ان حوالي سان ?? پ پنجاب جي صدر راجا پرويز اشرف جو چوڻ ??هي ته هلندڙ سال پ پ سينٽرل پنجاب جون سموريون تنظيمون بلاول ڀٽو زرداريءَ جي 36هين سالگره مختلف انداز ۾ ملهائينديون. هن چيو ته هر ضلعي تنظيم پنهنجي ضلعي جي يتيم خاني ۾ هڪ پروگرام منعقد ڪندي جنهن ۾ پارٽيءَ جي ٽڪيٽ هولڊرن ??ميت سمورين ونگز جا عهديدار شرڪت ڪندا ۽ معصوم ٻارن ۾ بلاول ڀٽو زرداري طرفان تحفا پيش ڪيا ويندا.