اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ٽپال کاتي صارفين جي سهولت لاءِ سڄي ملڪ جي 27 شهرن ۾ اڄ کان ”اڄ جي ٽپال اڄ ئي تقسيم“ ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي، جنهن کي ڪاروباري برادريءَ جي پٺڀرائي حاصل آهي. پاڪستان پ??سٽ جي عملدارن ”اي پي پي“ کي ٻُڌايو آهي ته پاڪستان پ??سٽ سڄي ملڪ جو قومي ادارو آهي، جيڪو ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن ۽ ٻهراڙيءَ ۾ صارفين کي پيشوراڻين خدمتن سا?? گڏوگڏ الائيڊ سروسز فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ جي ٽپال اڄ ئي پڄائڻ تحت 5 ک??ن 20 ڪلوگرام سا??ان جي رسد جي سروس فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته شروعات ۾ اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽه سميت هڪ ٻن وڏن شهرن ۾ سا??ان ۽ پارسل جي رسد آزمائشي بنيادن تي شروع ڪئي وئي، جنهن کي ڪاروباري برادريءَ جي ڀرپور پٺڀرائي حاصل ٿي. پ??سٽ عملدارن ٻُڌايو ته ان وقت ملڪ جي 27 وڏن شهرن ۾ فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ان حوالي سا?? هي سروس ٻين ڪوريئر ڪمپنين جي ڀيٽ ۾ انتهائي سستي ترين سروس فراهم ڪري رهي آهي. پاڪستان پ??سٽ مستقبل ۾ اها سهولت ملڪ جي ٻين شهرن لاءِ به شروع ڪندي جنهن سا?? گهريلو ۽ ڪاروباري ٻنهي صارفين کي بااعتماد سروس گهر جي دروازي تي ميسر هوندي.