اسلام آباد -19 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته ??احولياتي تبديليون زراعت جي روائتي طريقن تي اثر انداز ٿي رهيون آهن. 2022ع جي ٻوڏ سان 30 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو، پاڪ??تا?? زرعي جنسن جي پيداوار ۾ پهرين 10 ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو پر پيداواريت جي شرح ۾ گهٽ آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي لاهور ۾ فوڊ سيڪيورٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ??وڊ سيڪيورٽي قومي سيڪيورٽي ۽ ترقي جو اهم ٿنڀ آهي. وفاقي وزير چيو ته جهڙي طرح ارشد نديم گولڊ ميڊل کٽيو هو پوري قوم لاءِ مشعل راهه آهي. هن چيو ته ??لڪي ترقي لاءِ امن سان گڏ پاليسين ۾ استحڪام ۽ تسلسل اڻٽر آهي، پاڪ??تا?? ايٽمي پروگرام ۾ معجزو ڪري ڏيکاريو هو ته ??اڻي معاشي ميدان م به ڪري سگهي ٿو. ايٽمي پروگرام ۾ ڪاميابي، قيادت جي استحڪام، ميرٽ، ۽ انساني وسيلن جي ترقي حاصل ٿي، هن وقت اسان جنهن هنڌ موجود آهيون اسان کي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو ته ڪيئن اڳيان وڌون. هن چيو ته اسان ماضي ۾ ويزن 2010ع، ويزن 2025 جهڙا شاندار پلان ٺاهي پر اهي سياسي عدم استحڪام جو شڪار ٿيا، 5 ايز فريم ورڪ تحت 29-2024?? جي پنج سالا ترقياتي منصوبي کي حتمي شڪل ڏئي رهيا آهيون، هاڻي غلطي، ڏڦيڙ ۽ فساد جي گنجائش ناهي. هن چيو ته اسان وٽ سمورا علم ۽ علاج موجود آهن پر اهي رپورٽن تائين محدود آهن. هاڻي عمل ڪري علم ۽ عمل جي خساري کي پورو ڪرڻو آهي. احسن اقبال چيو ته ??ڪ هزار زرعي ماهرن کي وزيراعظم جي هدايت تي زراعت جي جديد طريقن ۾ عملي تربيت لاء?? چين موڪليو پيووڃي.