اسلام آباد -07 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته ملڪي ترقي ل??ءِ ڊجيٽل معيشت اڻٽر آهي جڏهن ته مسئلن جي حل ۽ شفافيت ل??ءِ ٽ??ڪن??لاجي مان فائدو حاصل ڪرڻ ضروري آهي. شفافيت بهتر طرز حڪمراني ۽ معاشي ترقي ل??ءِ ڊجيٽل ٽ??ڪن??لاجي کي هٿي وٺرائڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڊجيٽل سمٽ کي خطاب دوران ڪيو. ??ن چيو ته ملڪي ترقي ل??ءِ ڊجيٽل معيشت اڻٽر، مسئلن جو حل ۽ شفافيت ل??ءِ ٽ??ڪن??لاجي مان فائدو حاصل ڪرڻ ضروري آهي، احسن اقبال چيو ته جديد بنيادي ڍانچي، انساني وسيلن جي ترقي ۽ ڊجيٽل خواندگي کي هٿي وٺرائڻ ل??ءِ پاڪست??ن کي ڊجيٽل ٽ??ڪن??لاجي اپنائڻي پوندي. تعليمي ادارن ۽ ٽ??ڪن??لاجي جي صنعت وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، حڪومت نوجوانن ۾ پيشيوراڻي ۽ ڊجيٽل مهارتن کي هٿي وٺائڻ ل??ءِ قدم کڻي رهي آهي. ??ن چيو ته شهرين، ڪاروباري ۽ سرڪاري ادارن جي تحفظ ل??ءِ حڪومت سائبر سيڪيورٽي جي شعبي کي مضبوط ڪري رهي آهي، ٻهراڙي جي علائقن ۾ ڊجيٽلائيزيشن کي هٿي وٺائڻ ۽ سستي انٽرنيٽ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ل??ءِ به قدم کنيا پيا وڃن. ??ن چيو ته ٽ??ڪن??لاجي کي هٿي وٺائڻ ل??ءِ حڪومت ۽ خانگي شعبي کي سيڙپڪاري، اسٽارٽ اپس ۽ ايس ايم ايز جي همت افزائي ۽ نوجوانن جي 65 سيڪڙو آبادي کي جديد هنر سان آراسته ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ماهرن کي دعوت ڏني ته هو جدت تي ٻڌل آئيڊياز پيش ڪن.