اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪ – اردن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪست??ن ۾ اردن جي سفير ڊاڪٽر معين خراست سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. اردن جي سفير صدر کي 11 جون تي اردن ۾ غزه بابت انساني ا??داد تي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. صدر سفير کي اردن ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ پاڪستان پاران شرڪت جي خا??ري ڪرائي. اردن جي سفير ان موقعي تي چيو ته اردن فلسطين ۾ انساني ا??داد جي فراهمي جي لاءِ اخوت فائونڊيشن سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. صدر فلسطين ۾ ??مد??د پهچائڻ ۾ اردن جي ڪوششن کي ساراهيو. سفير صدر آصف علي زرداري کي اردن شاهه پاران صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد جو پيغام پهچايو.