اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شه??از شريف پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ د??اع?? شعبي ۾ پاڪستان پاران گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي ڪاٿي کي 5 ارب ڊالر سالياني جي سطح تي آڻڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ ??ي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيرا??ظم سان ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ خصوصي اهميت وارن ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت جو ذڪر ڪندي وزيرا??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جي فروغ تي گهري اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم ٻنهي ملڪن جي مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ د??اع?? شعبي ۾ پاڪستان پاران گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ??ي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات دوران وزيرا??ظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جو ڪاٿو بهترين گڏيل لاڳاپن سان هم آهنگ نه آهي. وزيرا??ظم ايندڙ ٽن سالن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي ڪاٿي کي 5 ارب ڊالر سالياني جي سطح تي آڻڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ ??ي عزم جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم ان موقعي تي ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته اسان ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ پنهنجي صنعتن کي منتقل ڪرڻ جي لاءِ دعوت ڏئي رهيا آهيون. عالمي ۽ علائقائي حالتن خاص طور تي غزه ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال تي پڻ ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيرا??ظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي قيام جي لاءِ غزه ۾ مڪمل جنگبندي جي حمايت کي پڻ ساراهيو. وزيرا??ظم وچ اوڀر ۾ مستقل امن جي لاءِ ٻه رياستي حل جي اهميت تي زور ڏنو. وزيرا??ظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان کي پاڪستان جو جلد دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. وزيرا??ظم ترڪ صدر کي هائي ليول اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ستين اعليٰ سطح جي اجلاس جي گڏيل صدارت جي دعوت جو پيغام پڻ ڏنو. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي قومي دلچسپي جي معاملن تي هڪ ٻئي جي ڀرپور حمايت ??ي عزم جو اظهار ڪيو.