رياض -28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا عالمي اقتصادي فورم جي سائيڊ لائينز تي اهم ملاقات ڪئ??. ا??م ڊي آءِ ايم ايف گذريل سال اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ جي حوالي سان وزيراعظم جي قائداڻي ڪردار جي تعريف ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري پريس پڌرائي مطابق وزيراعظم شهباز شريف جي ٻيهر چونڊجڻ کان پوءِ هي سندس ايم ڊي آءِ ايم ايف سان پهرين ملاقات هئي. سندن آخري ملاقات جون 2023ع ۾ پيرس ۾ سمٽ فار نيوگلوبل فنانشل پيڪٽ دوران ٿي هئي. وزيراعظم ڪرسٽالينا جارجيوا جو گذريل سال آءِ ايم ايف کان 3 بلين آمريڪي ڊالرن جو اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ (ايس بي اي) حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان جي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو. آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو (اڄ) اجلاس ٿيڻ جو امڪان آهي جن??ن ۾ ايس بي اي تحت 1.1 ارب آمريڪي ڊالرن جي حتمي قسط جو فيصلو ڪيو ويندو. ايم ڊي آءِ ايم ايف گذريل سال اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ جي حوالي سان وزيراعظم جي قائداڻي ڪردار جي تعريف ڪئي. وزيراعظم ايم ڊي آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ته سندس حڪومت پاڪستان جي معيشت کي ٻيهر پٽڙي تي آڻڻ لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. هن ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي سربراهي ۾ پنهنجي مالياتي ٽيم کي سڌارا ڪرڻ، سخت مالياتي نظم و ضبط کي ي??ين?? بڻائڻ ۽ اهڙين دانشمنداڻين پا??يسين تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جيڪي ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۽ پائيدار اقتصادي ترقي کي ي??ين?? بڻائين. ٻنهي ڌرين پاڪستان جي آءِ ايم ايف جي هڪ ٻئي پروگرام ۾ داخل ٿيڻ تي به ڳالهيون ڪيون ته جيئن ان ڳالهه کي ي??ين?? بڻائي سگهجي ته گذريل سال ۾ حاصل ٿيل فائدن کي مستحڪم ڪيو وڃي ۽ ان جي اقتصادي ترقي جي رفتار مثبت ره??. ا??م ڊي آءِ ايم ايف پاڪستان سان جاري پروگرامن جائزه جي عمل جي باري ۾ پنهنجي اداري جي نقطئه نظر کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ايم ڊي آءِ ايم ايف کي سندن سهولت مطابق پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني.