اسلام آباد- 11 فيبروري (اي پي پي) سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت پرامن ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري پوري ڪئي آهي، چونڊن جا نتيجا ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته چونڊون شفاف ٿيون آهن، چونڊن واري ڏينهن شه??ين، پولنگ عملي ۽ پولنگ اسٽيشنن کي درپيش خطري سبب م??با??يل سروس بند ڪئي وئي جنهن جي وضاحت گهرو وزارت ڪري چڪي آهي، اسان لاءِ شه??ين جي زندگين کي محفوظ بڻائڻ وڌيڪ اهم هو. اها ڳالهه هن نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چئي. نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊن واري ڏينهن م??با??يل سروس جي معطلي بابت گهرو وزارت وضاحت ڪري چڪي آهي، اسان لاءِ شه??ين جون زندگيون اهم هيون، شه??ين ،پولنگ اسٽاف ۽ پولنگ اسٽيشنن کي خطرا هئا، شه??ين جي چرپر کي محفوظ بڻائڻ اسان لاءِ ضروري هو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چونڊن جي عمل ۽ چونڊن جي تاريخ تي هميشه تڪرار رهيا آهن. 2013ع ۽ 2018ع جي چونڊن تي به تڪرار هئا. هن چيو ته نگران حڪومت اليڪشن ڪميشن کي چونڊون ڪرائڻ ۾ هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي. اسان پرامن شفاف چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري پوري ڪئي آهي، چونڊن جا نتيجا ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته چونڊون شفاف ٿيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته آئين ۽ قانون تحت اقتدار جي منتقلي جو طريقو موجود آهي، چونڊن جا سرڪاري نتيجا لاڳ??پي?? اسيمبلين تائين پهچ??دا ته موجوده اسپيڪرز اسيمبلين جو اجلاس گهرائيندا، وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ جڏهن حلف کڻ??دا ته نگران حڪومتون پاڻمرادو ختم ٿي وينديون.