اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواستن جي وصوليءَ لاءِ ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن کُليل ??هندي. اميدوارن ۽ عوام لاءِ ٻيهر ڳڻپ جي حوالي سان درخواستون جمع ڪرائڻ لاءِ ضروري ايس او پيز به جاري ڪ??ون و??ون آهن. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري پڌرائيءَ مطابق عوام کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو ته اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ 10 ۽ 11 فيبروريءَ تي کُليل ??هندي ۽ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بابت درخواستون ڏيندڙن/اميدوارن تحت اليڪشنز ايڪٽ 2017ع جي شق 95 آفيس وقت صبح 8:30 وڳي کان شام 4:30 وڳي تائين وصول ڪ??ون وينديون. وڌيڪ درخواستن تي اليڪشن ڪميشن ۾ ٻُڌڻي 10 ۽ 11 فيبروريءَ تي ٿيندي. پٽيشن جمع ڪرائڻ لاءِ ضروري هدايتون ايس او پيز اليڪشن ڪميشن جي ويب سائٽ تي اپ لوڊ ڪ??ون و??ون آهن، ان ڪري ايس او پيز مطابق پنهنجون درخواستون جمع ڪرا??ون وڃن. ايس او پيز جي نقطن مطابق پٽيشنز جو ڪاپ??ون (هڪ اص?? ۽ 8 ڪاپيون) مڪمل تفصيل ??ان جمع ڪرائڻ??ون پ??ند??ون. جنهن تي داخل ڪرڻ جي تاريخ ه??ند??. درخواست ڏيندڙ درخواست جي سافٽ ڪاپي (پي ڊي ايف) ۾ مهيا ڪندو ۽ گڏ ئي جيڪي به ان وٽ ثبوت هوندا اهي به يو ايس بي ۾ ڏيندو ۽ درخواست سان ڳنڍيندو. درخواست ڏيندڙ پنهنجي شناختي ڪارڊ جي ڪاپي درخواست سان لڳائيندو ۽ پنهنجي درست ائڊريس ۽ رابطو نمبر لکندو. جيڪڏهن ڪنهن وڪيل ??ريعي درخواست داخل ڪئي پئي وڃي ته درخواست سان گڏ وڪالت نامو لڳل هجي. وڪيل ??و ڪارڊ ۽ ٻيو رابطو نمبر موجود هجي. سڀ درخواستون باقائده انڊيڪس، صفحن جي نمبرنگ ۽ فليڪٽڪ هجن. صرف مقرر تاريخ ۽ وقت تي وصول ٿيل ??رخواستون اليڪشن ڪميشن سامهون ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿينديون.