اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت ملڪ ۾ ڪامياب شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم يقيني بڻائي رهي آهي، 2024ع جي چونڊن جي شفافيت جي لاءِ عالمي مبصرن جي آجيان ڪريون ٿا. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن دولت مشترڪه جي مبصر گروپ جي سربراهه ڊاڪٽر گُد لڪَ ايبيلي جانٿن س??ن سندس و??د سان گڏ ملاقات دوران ڪيو. نگران وزير??عظ?? وفد جي 2024ع جي چونڊن جي حوالي سان پاڪستان اچڻ جي آجيان ڪئي. نگران وزير??عظ?? دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي پاڪستان ۽ دولت مشترڪه جي لاڳاپن ۾ مضبوطي جي لاءِ قدمن کي ساراهيو. نگران وزير??عظ?? چيو ته 2024ع جي چونڊن جي شفافيت جي لاءِ عالمي مبصرن جي اچڻ جي آجيان ڪريون ٿا، حڪومت عالمي مبصرن کي 2024ع جي چونڊن جي جائزي جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪندي. هن چيو ته نگران حڪومت ملڪ ۾ ڪامياب شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم يقيني بڻائي رهي آهي، نگران حڪومت هر پارٽي کي پنهنجي چونڊ مه?? جي لاءِ موزون ماحول فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته نگران حڪومت يقيني بڻائي رهي آهي ته اليڪشن ڪميشن کي ڪامياب شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، 2024ع جي چونڊن ۾ اهو فيصلو عوام ڪندي ته پاڪستان جي قيادت ڪهڙي پارٽي جي حوالي ڪرڻي آهي. وفد جي سيڪريٽري جنرل دولت مشترڪه پاران نگران وزير??عظ?? کي خيرسگالي جو پيغام ڏنو. وفد 2024ع جي چونڊن جي شفاف انعقاد جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي انتظامن کي اطمينان جوڳو قرار ڏنو.