اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ ازبڪست??ن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته آسان ويزا طريقيڪار ۽ بهتر بئنڪنگ چينلز سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌيڪ هٿي ملندي، هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي واپاري برادري مختصر وقت ۾ هڪ ارب ڊالر جي گڏيل واپاري هدف کي آساني سان حاصل ڪري و??ندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ازبڪست??ن جي نائب وزيراعظم ڊاڪٽر جمشيد خدجايو عبدوخاڪو مووچ 7 رڪني و??د سان گڏ ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم نائب وزيراعظم ۽ سندس وفد جي پاڪستان ۾ آجيان ڪئي ۽ 8 کان 9 نومبر 2023ع تائين ازبڪست??ن جي شهر تاشقند ۾ منعقد 16 هين اي سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي ازبڪست??ن جي صدر شوڪت مرزيوف سان پنهنجي تازي ملاقات جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، دفاع ۽ رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي رفتار تي اطمين??ن جو اظهار ڪيو. هن اسلام آباد ۾ پاڪستان، ازبڪستان ۽ افغانست??ن جي واپار وارن وزيرن جي پهرين ٽي ڌريي اجلاس جي انعقاد کي پڻ ساراهيو. ٽنهي ڌرين ڪسٽم، لاجسٽڪس، واپار جي فروغ، ٽيرف، ٽي آئي آر جي طريقيڪار تي ڳالهه ٻولهه جي ??اء?? ٽي ڌريو ورڪنگ گروپ پڻ قائم ڪيو. ٽه ڌريي اجلاس جي نتيجن تي اطمين??ن جو اظهار نگران وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ٽي ڌريو طريقيڪار ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيندو. نگران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ مٽاسٽا ۽ لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته آسان ويزا طريقيڪار ۽ بهتر بئنڪنگ چينلز ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌيڪ هٿي ڏيندا. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي واپاري برادري مختصر وقت ۾ هڪ ارب ڊالر جي گڏيل واپاري هدف کي آساني سان حاصل ڪري و??ندي. ازبڪ نائب وزيراعظم سندس ۽ سندس وفد جي شاندار استقبال تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن نگران وزيراعطم کي بئنڪنگ ۽ لاجسٽڪس جي شعبن سميت پاڪست??ن جي واپاري برادري سان نتيجاخيز ملاقاتن بابت ٻڌايو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ڌريون ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي پراجيڪٽ جي و??ت سر تڪميل جي ??اء?? فعال ڳالهه ٻولهه جاري رکندا. ازبڪست??ن جي و??د ۾ ٽرانسپورٽ وارو وزير الخم مخڪاموف رسمووچ، سيڙپڪاري، صنعت ۽ واپار وارو نائب وزير بدري الدين عابدوف، نائب پرڏيهي وزير بابور عثمانوف، اسٽيٽ سيڪيورٽي سروس جو ڊپٽي چيئرمين ميجر جنرل فرخ مختارئوف ۽ پاڪستان ۾ ازبڪست??ن جو سفير ميجر جنرل فرخ مختاروف اويبيڪ عارف عثمانوف شامل هئا. ملاقات ۾ واپار واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز کانسواءِ واپار وارو سيڪريٽري، بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شامل هئا.