اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي پا??ستان ۾ فن لينڊ جي سفير هنوريپاٽي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. وفاقي وزير وفد جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽر??ننگ جي حوالي سان مهارت ۽ علم جي ڏي وٺ پا??ستان ۾ موجوده ادارن کي اپ گريڊ ڪري سگهي ٿو. وفاقي وزير ۽ سفير نيشنل اسڪلز ي??ني??رسٽي ۾ هڪ سينٽر آف ايڪسيلينس جي قيام تي اصولي طور تي اتفاق ڪيو جيڪو ??ن لينڊ جي ٽورڪو ??يونسپلٽي جي مدد سان ڪنسٽرڪشن، آءِ ٽي، ٽيچرز ٽر??ننگ ۽ انجنيئرنگ اسٽ??يز کان علاوه هوٽل ۽ ريسٽورينٽ انڊسٽريءَ تي ڌيان ڏيندو. اهڙيءَ طرح فن لينڊ جي ٽورڪو ??يونسپلٽي جي سهڪار سان پا??ستان انسٽيٽيوٽ آف ٽوئر ارزم اينڊ هوٽل مئنجمينٽ ۾ هڪ سينٽر آف ايڪسيلينس قائم ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته غير رسمي تعليم جي شعبي ۾ نيشنل اسڪلز ي??ني??رسٽي، اسلام آباد پا??ستاني نوجوانن کي فني مهارتون فراهم ڪري رهي آهي جنهن کي موجوده ۽ پرڏيهه ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ خواهشمند پا??ستاني نوجوانن لاءِ اسڪلر لرننگ سينٽر طور تي وڌائي سگهجي ٿو. سفير وفاقي وزير کي فن لينڊ ۽ پا??ستان حڪومت وچ ۾ جاري تعاون جي باري ۾ ٻُڌايو ته هو پهريان ئي نيوٽيڪ ۽ نسٽ ۾ پيشوراڻي تربيت فراهم ڪري رهيا آهن. سفير وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته فن لينڊ جون 2 ي??ني??رسٽيون پهرين ئي انهن ادارن کي فني ۽ انساني مهارت فراهم ڪري رهي آهي. هن وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته تقريبن 500 ماڻهو اڳ ئي تربيت حاصل ڪري رهيا آهن. هن ٻُڌايو ته فن لينڊ جي حڪومت جي مدد سان نيو ٽيڪ اڳ ئي هوٽل ۽ ريسٽورينٽ مئنجمينٽ نگرانيءَ هيٺ هڪ سال ڊپلوما ڪورس کي 3 ساله ڪورس تائين وڌائي ڇڏيو آهي.