اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مراڪش س??ن واپار، سيڙپڪاري ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو ??هي ته مراڪش پاڪستان جي ڪاروبار ??وست ماحول مان فائدو کڻي سگهي ٿو، پاڪستان جو نامزد سفير مراڪش ۾ پاڪستاني روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن مراڪش ۾ پاڪستان جي نامزد سفير محمد سميع الرحمان سا?? ڳالهائيندي ڪيو ??نهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ??ه پاڪستان – مراڪش لاڳاپا گڏيل تاريخ ۽ مفادن تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن کي ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي دورن جي مٽاسٽا وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ??ه خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ملڪ ۾ سيڙپڪاري راغب ڪرڻ جي لاءِ جوڙي وئي، مراڪش پاڪستان جي ڪاروبار ??وست ماحول مان فائدو کڻي سگهي ??و. ??ن کان اڳ جنيوا ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير/ مستقل نمائندي ڊاڪٽر بلال احمد پڻ صدر سا?? ملاقات ڪئي. صدر نامزد سفير کي چيو ??ه هو قومي مفادن ۽ ترجيحن جي تحفظ جي لاءِ گڏيل قومن سا?? پاڪستان جا مثبت لاڳاپا وڌائي، پاڪستاني عوامي صحت جي نظام جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ صحت جي عالمي اداري سا?? لاڳاپن تي ڌيان ڏي. صدر چيو ??ه ليبر جو معيار ??رقرار ??کڻ جي لاءِ انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن سا?? رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ??ه اسلامو فوبيا، ڪشميرين ۽ فلسطيني عوام جي خراب حالت جهڙن مسئلن تي مسلمان امت جي آواز کي پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي، نامزد سفير ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ڪرڻ، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ??دا ڪري. صدر نامزد سفيرن جي مستقبل جي ذميوارين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.