اسلام آبا?? – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر پاران آڪٽوبر مهيني ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت سالياني آگاهي مهم جاري آهي جنهن جو مقصد پاڪستاني عورتن جي ان موذي مرض سان موت جي شرح کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ باقاعده اسڪريننگ کي فروغ ڏيڻ آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سندس گهرواريءَ ثمينه علوي گذريل چئن سالن کان ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آ??ن. ??ن سال آگاهي مهم ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جو پاڻ معائنو، جلد تشخيص ۽ وقت سر علاج کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي تعاون ??ان ايوان صدر بريسٽ ڪينسر بابت معلوماتي ۽ تعليمي مواد کي بروشرز ۽ بينرز جي شڪل ۾ تيار ڪيو آهي. اها معلومات صدارتي آفيس ج?? ويب سائيٽ: http://president.gov.pk/breast-cancer-awareness-printing-material-2 تي دستياب آهي. ڇاتيءَ جو ڪينسر هڪ عالمي مسئلو آهي، ان مرض جي شرح پاڪستان ۾ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، جنهن جي ڪري ساليانو 40000 موت ۽ اٽڪل 100000 نوان ڪيسز سامهون ??چن ٿا. ماهرن موجب آگاهي ۾ اضافي ۽ باقاعدگي سان اسڪريننگ کي فروغ ڏيڻ سان موت جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ پاڪستاني عورتن جون ??ندگيون ??چائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.