اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت مختصر مدي جي لاءِ آئي آهي، بنيادي ذميواري چونڊن جي لاءِ ڀر??ور معاونت فراهم ڪرڻ آهي، حڪومتي نظام ۾ وڏي تبديلي نه ٿا آڻي سگهون، قائدن ۽ ضابطن ۾ سنگين خلاف ورزي جي صورت ۾ مداخلت جو ??ختيار حاصل آهي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن نگران وفاقي ڪا??ينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته آئين تحت نگران حڪومت مختصر مدي جي لاءِ آئي آهي، ان جي بنيادي ذميواري چونڊن جي لاءِ ڀر??ور معاونت فراهم ڪرڻ ۽ نگراني ڪرڻ آهي ۽ اها آئيني گهرج آهي، نگران حڪومت وٽ روزاني جي حڪومتي معاملن جي نگراني جو ??ختيار آهي، اسان حڪومتي نظام ۾ وڏي تبديلي نه ٿا آڻي سگهون، معمول جي پاليسين تي عمل پيرا رهنداسين. نگران وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي پاليسين کي جاري رکنداسين، قاعدن ۽ ضابطن ۾ سنگين خلاف ورزين جي صورت ۾ مداخلت جو ??ختيار حاصل آه??. ق??مي اسيمبلي آئيني مدو مڪمل ڪري تحليل ٿي چڪي آهي، چونڊون اڃا ٿيڻيون آهن، پارليامينٽ جو ??يوان ڪم ڪري رهيو آهي، جيستائين قومي اسيمبلي جو ??يوان نه ٿو اچي ته قانونسازي نٿي ٿي سگهي، سڀني وزيرن کي پنهنجي وزارتن پاران بريفنگ جو ??مل شروع ٿي چڪو آهي، ايندڙ ڪا??ينا جي اجلاس جي ايج??ڊا جو فيصلو بريفنگ جي بنياد تي ڪيو ويندو.