اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف سان گوجرانوالا ب??رڊ جي ميٽرڪ جي ا??تح??نن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگرد جمشيد علي ملاقات ڪئي. ان موقعي ت?? جمشيد علي والده، ان جو استاد وحيد اشرف ۽ گوجرانوالا ب??رڊ جو چيئرمين نويد حيدر شيرازي ۽ وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وزير راڻا تنوير حسين پڻ موجود هئا. وزيراعظم ??حمد شهباز شريف جمشيد علي کي سندس ميٽرڪ جي ا??تح??نن ۾ شاندار ڪارڪردگي ت?? مبارڪباد ڏني ۽ ان جي حوصلا افزائي جي لاءِ 10 لک رپيا انعام پڻ ڏنو. وزيراعظم ??دايت ڪئي ت?? جمشيد علي جا ماسٽرز تائين جا سمورا تعليمي خرچ حڪومت برداشت ڪندي، وزيراعظم جمشيد جي لاءِ ماهوار 30 هزار رپيا وظيفي جو پڻ اعلان ڪيو ۽ ان کان واعدو ورتو ته هو اڳتي به تعليمي ميدان ۾ اهڙي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندو. وزيراعظم شاگرد خان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جهڙا هوشيار شاگرد پاڪستان جو فخر آهن، توهان جي ڪاميابي ۾ والدين ۽ استادن جي به محنت شامل آهي، توهان پاڪستان جي ٻين شاگردن جي لاءِ به رول ماڊل آهيو.