اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پيمرا قانون ۾ ترميم کي وقت جي ضرورت قرار ڏيندي چيو آه?? ته ميڊيا جو پورو منظرنامو تبديل ٿي چڪو آه??، پيمرا آرڊيننس 2002ع کانپوءِ پهريون ڀيرو پيمرا قانون ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي، پيمرا بل جي 9 شقن ۾ ترميم جڏهن ته 5 نئين شقن جو اضافو ڪيو ويو آه??، پهريون ڀيرو صحافين کي ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ شڪايتون داخل ڪرائڻ جو اختيار ڏنو پيو وڃي، اڳ ۾ صحافي کي پگهار گهرڻ تي نوڪري مان ڪڍيو ويندو هو، بل تحت ڪنهن به چينل کي بند ڪرڻ جو اختيار پيمرا چيئرمين بدران ٽي رڪني ڪميٽي وٽ ويندو، بل جي تياري ۾ 13 مهينن جو عرصو لڳو، ان دوران سڀني ڌ??ين سان ڊگهي مشاورت ڪئي وئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ريڊيو پاڪستان ۾ قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران پيمرا ترميمي آرڊيننس 2023ع جي حوالي سان اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اجلا?? جي صدارت ڪميٽي جي چيئرپرسن جويريه ظفر آه??ر ڪئي. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن نفيسا شاهه، زيب جعفر، ناز بلوچ سميت اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان، پيمرا چيئرمين سليم بيگ ۽ ڊي جي ريڊيو طاهر حسن شرڪت ڪئي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي ترميمي بل 2023ع ۽ پريس ڪائونسل آف پاڪستان ترميمي بل 2023ع تي غور ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پيمرا ترميمي بل 2023ع جي مقصدن تي بريفنگ ڏيندي چيو ته پيمرا آرڊيننس 2002ع کانپوءِ پيمرا قانون ۾ پهريون ڀيرو ترميم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ميڊيا جو پورو منظرنامو تبديل ٿي چڪو آه??. پيمرا قانون ۾ ترميم وقت جي ضرورت آه??. هن چيو ته پيمرا ترميمي بل 2023ع جي تياري ۾ 13 مهينن جو عرصو لڳو، ان دوران سمو??ين ميڊيا تنظيمن ۽ ميڊيا هائوسز جي مالڪن سان ڊگهي مشاورت جو سلسلو جاري رهيو. هن چيو ته پيمرا ترميمي بل تحت پهريون ڀيرو صحافين کي شڪايت ڪائونسل ۾ پنهنجون شڪايتون داخل ڪرائڻ جو اختيار ڏنو پيو وڃي، ان کان اڳ صحافي کي پگهار گهرڻ تي نوڪري مان فارغ ڪيو ويندو هو. هن چيو ته ??ڳ ۾ ڪنهن به چينل کي بند ڪرڻ جو اختيار پيمرا چيئرمين وٽ هو، هاڻي هن قانون تحت اهو اختيار ٽي رڪني ڪميٽي وٽ هوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ پي ايم ڊي اي جهڙا ڪارا قانون آڻڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته فيڪ نيوز، ڊس انفارميشن ۽ مس انفارميشن جي تشريح بل ۾ شامل ڪئي وئي آه??. ڊس انفارميشن ۽ مس انفارميشن تي جدا جدا ڪم ڪيو ويو. هن چيو ته ڄاڻي واڻي غلط خبر هلائڻ تي 10 لک روپيا ڏنڊ کان وڌائي هڪ ڪروڙ رپيا هوندو. هن چيو ته ??ڳ ۾ ڪنهن چينل تي غلط خبر هلي ته ??هو چيو ويندو هو ته ??حافي اها خبر ذاتي حيثيت ۾ ڏني، هاڻي ان کي چينل سان ڳنڍيو ويو آه??. هن ڪميٽي جي ميمبرن کي ٻڌايو ته پيمرا قانون جي 9 سيشنز ۾ ترميم جڏهن ته 5 نئين شقن جو اضافو ڪيو ويو آه??. پيمرا بل ۾ پيمرا قانون جون شقون 2، 6، 8، 11، 13، 24، 26، 27، 29 ۾ ترميم ڪئي وئي آه??، جڏهن ته ??ن بل ۾ 20، 20 اي، 29 اي، 30 بي، 39 اي جي نئين شقن جو اضافو ڪيو ويو آه??. هن چيو ته ??ل جي مُنڍ ۾ خبر جي جڳهه تصديق ٿيل خبر، تحمل ۽ برداشت، معاشي ۽ توانائي جي ترقي، ٻارن بابت مواد جا لفظ شامل ڪيا ويا آه??. بل تحت عوام جي تفريح، تعليم ۽ معلومات جي دائري کي وسيع ڪيو ويو آه??. هن چيو ته ??ليڪٽرانڪ ميڊيا تصديق ٿيل خبرن، معاشري ۾ تحمل ۽ برداشت جي فروغ جو مواد پنهنجي نشريات ۾ استعمال ڪندو. عوامي ترقي، توانائي، معاشي ترقي بابت مواد به نشريات ۾ شامل ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته ??ل ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ملازمن جي وقت سر پگهارن جي ادائيگي جو پابند بڻايو ويو آه??. وقت سر ادائيگي مان مراد اليڪٽرانڪ ميڊيا ملازمن کي ٻن مهينن جي اندر ڏني ويندڙ ادائيگيون آه??. اليڪٽرانڪ ميڊيا کي پيمرا ۽ شڪايت ڪائونسل جي پگهارن جي وقت سر ادائيگي جي سمورن فيصلن، حڪمن جي پاسداري جو پابند بڻايو ويو آه??. هن چيو ته پگهارن جي عدم ادائيگي تي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي حڪومتي اشتهار لاڳاپيل اليڪٽرانڪ ميڊيا کي فراهم نه ڪيا ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??راڊ ڪاسٽ ميڊيا لائيسنس 20 سالن جي لاءِ ۽ ڊسٽري بيوشن لائيسنس 10 سالن جي عرصي لاءِ هوندا. هن چيو ته ??ليڪٽرانڪ ميڊيا تي معمول جي پروگرامن دوران اشتهارن جو وقت 5 منٽن کان وڌيڪ نه هوندو. هن چيو ته ??رٽيڪل 19 جي خلاف ورزي جي زمري ۾ ايندڙ خلاف ورزي هن بل تحت (سنگين خلاف ورزي) تصور ٿيندي. مريم اورنگزيب چيو ته هي هڪ تاريخي بل آه??. پيمرا قانون ۾ پهريون ڀيرو پي ايف يو جي ۽ پي بي اي کي نمائندگي ڏني وئي آه??. جڏهن ته ٽي وي چينلز جي ضابطاڪار ۾ (ڊس انفارميشن) نشر نه ڪرڻ جو شرط به شامل ڪيو ويو آه??. هن چيو ته ??وام، ادارن ۽ ٻين شڪايتن جي ازالي لاءِ اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وا??ين حڪومتن ۾ شڪايت ڪائونسلز ٺاهيون وينديون. شڪايت ڪائونسلز اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار جي حڪومتي پاليسي، وقت سر پگهارن جي ادائيگي کي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائيندي. شڪايت ڪائونسل هڪ چيئرمين ۽ 5 ميمبرن تي ٻڌل هوندي. ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو مدو 2 سال هوندو. هن چيو ته پيمرا جي فيصلن جي خلاف ورزي لاڳاپيل صوبي جي هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪري سگهجي ٿي. ان موقعي تي ڪميٽي جي ميمبر نفيسا شاهه چيو ته ??ل ۾ ترميم جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اسان کي وقت ڏنو وڃي، جنهن تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??ل جي حوالي سان سڀئي شيون توهان کي ڏنيون ويون آه??، هن بل ۾ 9 ترميمون ڪيون ويون آه?? جڏهن ته 5 نئين شقن جو اضافو ڪيو ويو آه??. نفيسا شاهه چيو ته ڪنهن به بل جي تياري ۾ حڪومت هڪ سال لڳائي ڇڏيندي آه?? پر ڪميٽي کي چيو ويو آه?? ته ??سان وٽ هڪ ڏينهن جو وقت آه??. ڪميٽي ميمبرن کي به وقت ڏنو وڃي ته ??يئن ڄاڻايل بل کي پرکي سگهجي. ڪميٽي جي ميمبر زيب جعفر چيو ته ??ل کي ڪميٽي ۾ منظور ڪيو وڃي.