نٿياگلي -08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته پا??ست??ن دنيا ۾ ام?? ۽ خوشحالي چاهي ٿو، گڏيل سهڪار سان پا??ست??ن ۽ سوئٽزرلينڊ کي قدرتي آفتن کان تحفظ ۾ مدد حاصل ٿيندي. پا??ست??ن ۽ سوئٽزرلي??ڊ وچ ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو ته پا??ست??ن ۽ سوئٽزرلي??ڊ وچ ۾ ايم او يو تي صحيون هڪ وڏو قدم آهي جنهن س??ن مستقبل ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻئي ملڪ ٽيڪنالاجي ۽ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن کي قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ آگاهي فراهم ڪرڻ واري جديد نظام سميت ٻين سهولتن جي دستيابي لاءِ سهڪار کي هٿي وٺائڻ جا خواهشمند آهيون. هن زور ڏيندي چيو ته پا??ست??ن عالمي ماحولياتي تبديلي جي اثرن س??ب ڏاڍو متاثر ٿي رهيو آهي جڏهن ته ڪاربن جي نيڪال ۾ اسان جي ملڪ جو حصو انتهائي ٿورو آهي. وزيراعظم ان خواهش جو اظهار ڪيو ته پا??ست??ن سوئٽزرلينڊ سان گڏ مختلف شعبن خاص ڪري سياحت جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پا??ست??ن خوبصورت قدرتي نظارن س??ن مالا مال آهي. سوئس پرڏيهي وزير طرفان خطي ۾ ام?? و امان جي تاثرن تي وزيراعظم چيو ته خطي ۾ ام?? و امان جو قيام انتهائي ضرورت آهي ۽ سوئٽزرلينڊ خطي ۾ ام?? و امان کي هٿي وٺائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته پا??ست??ني عوام جي فلاح و بهبود لاءِ ترقي ۽ خوشحالي کي هٿي وٺائڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙي ريت اسان بيروزگاري، غربت جي خاتمي ۽ تعليم ۽ آءِ ٽي جي صنعت کي ترقي ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ سان گڏوگڏ زراعت جي شعبي کي ترقي ڏيڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم م??مد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته عالمي برادري کي به اها ڳالهه نظر ۾ رکڻ گهرجي ته پا??ست??ن خطي ۾ ڇڪتاڻ برداشت نه ٿو ڪري ۽ نه ئي پنهنجا وسيلا ضايع ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اسان پنهنجي وسيلن س??ن ملڪ جي ترقي جا خواشمند آهيون. وزيراعظم ان عزم جو به ورجاءُ ڪيو ته ڪشمير سميت ٻين تڪرارن جو خاتمو خطي ۾ ڊگهي ام?? و امان کي قائم ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهي. سوئٽزرلينڊ جي پرڏيهي وزير اگنازئيو ڪاسيس چيو هو ته آفتن س??ن منهن ڏيڻ جي حوالي سان پا??ست??ن ۽ سوئٽزرلي??ڊ وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ واري مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن لاءِ هن کي پا??ست??ن ۾ موجودگي تي فخر آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيندا. پا??ست??ن جي قديم ثقافتي تاريخ آهي ۽ هي پنهنجي خوبصورت لينڊ سڪيپس سبب سڄي دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو. سوئيز پرڏيهي وزير چيو ته بدقسمتي سان پا??ست??ن قدرتي آفتن س??ب شديد متاثر ٿي رهيو آهي جنهن س??نه رڳو انساني آبادي پر زراعت ۽ بنيادي ڍانچي جو شعبو به بري طرح متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي حوالي سان سهڪار جي مفاهمت هڪ اهم قدم آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي گهرجي ته پا??ست??ن کي درپيش خطرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون ادا ڪري. 2010ع ۽ 2022ع ۾ تباهه ڪن ٻوڏ سبب پا??ست??ن شديد متاثر ٿيو. سوئز پرڏيهي وزير چيو ته منهنجو ملڪ پنهنجي تجربن ۽ وسيلن س??ن نقصانن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته پا??ست??ن ۾ ٻوڏن س??ب جاني ۽ مالي نقصان تمام گهڻو آهي. هن چيو ته اسان شراڪتداري جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. عالمي ذميواريون آهن ته اسان متحد ٿي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کڻون. ان کان پهرين وزيراعظم م??مد شهباز شريف ۽ سوئيز پرڏيهي وزير جي موجودگي ۾ پا??ست??ن ۽ سوئٽزرلي??ڊ وچ ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون ڪيون ويون.