ڪراچي – 14 جون(اي پي پي) سامونڊي طوفان بائپر جواءِ کي نظر ۾ رکندي سامونڊي فوج ڪريڪس جي علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشنن ۾ ??رپ??ر نموني حصو وٺي رهي آهي. هاڻي تائين پاڪ نيوي جون ايمرجنس?? ريسپانس ٽي??ون ضلعي حڪومت جي سهڪار سان چوهڙ جمالي سان لاڳاپيل ڏورانهن ڳوٺن مان هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري چڪيون آهن. ان کان علاوه ٻين لاڳاپيل ڪريڪ جي علائقن مان ٻارن سوڌو 40 مقامي مهاڻن ک?? ريسڪيو ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل پريس رليز موجب ريسڪيو ڪيل مهاڻن کي پاڪ نيوي پاران مقرر خاص ميڊيڪل ٽي??ن بروقت طبي امداد به فراهم ڪئي. پاڪ نيوي جي ايس ايس جي ڊائيونگ ٽي??ن ڪيٽي بندر ،ترڪي بندر ۽ ٻين هنڌن کان امدادي ڪيمپن تائين 9000 ماڻهن کي محفوظ طريقي سان ٻاهر ڪڍڻ ۾ مقامي انتظاميه جي مدد ڪئي. ڪريڪس برگيڊ جي ايمرجنس?? ريسپانس ٽي??ن متاثر ماڻهن کي بروقت امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ڏورانهن سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ گشت ڪيو.