اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي دعوت تي پنهنجي فرانس جي سرڪاري دوري جي لاءِ اسلام آباد کان پيرس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي فرانس جي دوري دوران گلوبل فنانسنگ پيڪٽ جي سربر??هي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سربر??هي اجلاس پائيدار ترقي، ت??انائي جي متبادل ۽ قابل تجديد ذريعن، ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مستقبل ۾ عالمي مالياتي نظام ۾ تبديلي?? تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ مشاورت جو فورم ثا??ت ٿيندو. وزيراعظم سربر??هي اجلاس ۾ پاڪستان جي جي – 77 ۾ اهم ميمبر ۽ موسمياتي تبديلي جي خراب اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ جي سربراهه طور خطاب ڪندو. وزيراعظم پيرس ۾ سربر??هي اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.