اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عم??ان نيازي کي ڌانڌلي سان وزيراعظم بڻايو ويو هو، ان کي آڻيندڙن جو مقصد سڀني کي چور ڌاڙيل قرار ڏيارڻ هو، عم??ان نيازي کي 10 سالن تائين مڙهي رکڻ جو منصوبو هو، پي ٽي آ??ِ قيادت ملڪ کي تباهي جي ور چاڙهيو، عم??ان نيازي جي خلاف ڪيسن کي ناممڪن قرار ڏنو ويو، جيڪڏهن عم??ان خان بي ايمان ۽ بدديانت نه آهي ته عدالت ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪري، ٻٽي معيار سان انصاف جو جنازو نڪري ويو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته عم??ان خان نيازي ڪوڙي پروپئگنڊه سان قوم کي ورڇ ڪيو ۽ هر جڳهه زهر پکيڙيو، عم??ان نيازي آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، اسان پاڪستان جي سفارتي محاذ تي ??نيا سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا، حڪومت ورثي ۾ ملندڙ مسئلن ۽ چئلينجز تي ??ابطو آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهي آهي، ملڪ انتهائي مشڪل صورتحال مان گذري رهيو آهي، آئيني طريقي سان چ??نڊيل اسان جي حڪومت کي آمريڪي سازش قرار ڏنو ويو، عم??ان خان ۽ ان جا حواري بي شرمي سان ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا، پي ٽي آ??ِ حڪومت ۾ اربين رپين جي ڪرپشن تي ڪنهن جواب نه گهريو بلڪه مالم جبه، بلين ٽري سونامي ۽ بي آ?? ٽي جهڙن ڪرپشن جي ڪيسز ۾ انهن کي ڪلين چ?? ڏني وئي ۽ انهن ڪيسن کي ناممڪن قرار ڏنو ويو جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي پاناما جي ڊرامي ۽ اقامي جي بي ڍنگي ڪيس ۾ سزا ٻڌائي وئي، هن پنهنجي ڌيءَ سان گڏ عدالتن کي منهن ڏنو، آصف علي زرداري جي ڀيڻ کي چنڊ رات تي ??سپتال مان کڻي ??رف??ار ڪيو ويو، اڄ نيب جي غبن ۽ ڪرپشن جي ڪيس ۾ عدليه عم??ان خان جي لاءِ شيهي جي ديوار بڻجي وئي جڏهن ته اسان جا ڪيس لٽڪايا ويندا هئا، سال سال تائين ضمانت جي درخواست نه ٻڌي ويندي هئي، ڪالهه عدالت جي ريمارڪس تي ??يرت ٿي، ڪاش فريال ٽالپر، مريم نواز ۽ اسان کي به عدالتن ۾ ڏسي چيو وڃي ها ته توهان کي ڏسي تمام سٺو لڳو، عام ماڻهن جا ڪيس عدالتن ۾ سالن جا سال لٽڪيل رهن ٿا، اسان صبر سان سمورن ڪيسن کي عدالتن ۾ منهن ڏنو. وزيراعظم چيو ته عم??ان نيازي جو مقصد آءِ ايم ايف ڊيل کي ختم ڪرڻ ۽ پاڪستان کي معاشي طور تي ??باهه ڪرڻ هو، نيب نيازي ڳٺ جوڙ سيڙپڪارن کي ڀڄائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته عم??ان نيازي حساس ٺڪاڻن تي ??ملا ڪرايا، جيڪڏهن عم??ان خان بي ايمان ۽ بدديانت نه آهي ته عدالت ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪري.