اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيا جي بادشاهه چارلس III ۽ ملڪه ڪنسورٽ ڪيميلا ج?? تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ مئي جي پهرين هفتي برطانيا جو دورو ڪندو. وزيراعظم 6 مئي تي برطانوي بادشاهه ج?? تاج پوشي جي تقريب ۾ شريڪ ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم 5 مئي تي لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي اڳواڻ جي لاءِ ٿيندڙ تقريب ۾ شرڪت ڪندو. ترجمان چيو ته اميد آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف انهن تقريبن ۾ شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون به ڪندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن جي هڪ ڊگه?? تاريخ آهي، جيڪا مت??رڪ پاڪستاني – برطانوي ڪميونٽي ۾ مضبوطي سان ??ڙيل آهي. هن چيو ته اسان ??رطانوي بادشاهه ۽ شاهي خاندان کي پاڪستان ۽ ان ??ي عوام جي دوست طور ڏسون ٿا ۽ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا منتظر آهيون.