اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف جي حڪومت خدمتن جي فراهمي جي پنهنجي ساک کي برقرار رکندي پنهنجي پهرين ??ال ۾ 300 ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪئي. ??زي??اعظم 11 اپريل 2022ع تي عهدو سنڀالڻ کان وٺي پاڪستان کي توانائي جي شعبي ۾ پاڻڀرو ڪرڻ جي رستي تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ذميواري پوري ڪندي وڏي اڳڀرائي ڪئي آهي. دستياب انگن اکرن موجب هن گذريل هڪ ??ال ۾ 5 اهم بجلي گهرن جو افتتاح ڪيو، جنهن ??ان ملڪ جي توانائي جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ 3150 ميگاواٽ توانائي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪئي وئي. اها ڳالهه واضح آهي ته گرمين ۾ پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿئي ٿو ۽ طلب ۽ پهچ جو فرق هزارين ميگاواٽ تائين وڌي وڃي ٿو. توانائي واري وزارت جي انگن اکرن موجب گذريل ??ال آگسٽ ۾ بجلي جي پهچ 20500 ميگاواٽ جي مقابلي ۾ طلب 28 هزار ميگاواٽ تائين پهچي وئي هئي تنهن ڪري موجوده حڪومت گرمين ۾ بجلي جي بحران کي روڪڻ جي لاءِ ڪوئلي جهڙي توانائي جي مقامي وسيلن جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ??زي??اعظم گذريل مهينن ۾ سنڌ جي پنهنجي دورن دوران ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي تي ٻڌل 1980 ميگاواٽ جي ٽن پاور پراجيڪٽس جو افتتاح ڪيو. اهي منصوبا پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي تحت چين جي تعاون ??ان مڪمل ڪيا ويا. انهن منصوبن ۾ ٿر انرجي جو 330 ميگاواٽ جو پاور پلانٽ، مٺي ۾ 330 ميگاواٽ جو ٿل نووا پاور پلانٽ ۽ ٿر ۾ 1320 ميگاواٽ جو شنگهائي اليڪٽرڪ پاور پلانٽ شامل آهي. ڪوئلي ??ان هلندڙ پاور پلانٽس هر ??ال اٽڪل 15 ارب يونٽ گهٽ لاڳت جي بجلي پيدا ڪندا. حڪومت ٿر جي 175 بلين ٽن ڪوئلي جي ذخيرن مان فائدو کڻڻ جي خواهشمند آهي ۽ توانائي جي ماهرن موجب جيڪڏهن ذخيرن ۾ صحيح طريقي ??ان استعمال ڪيو وڃي ته ايندڙ 300 سالن تائين ملڪ جي بجلي جون ??رورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ڪافي هوندو. حڪومت ملڪ جي ڪوئلي ??ان هلندڙ پاور پلانٽس کي ترتيبوار ٿر جي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد مهانگي درآمدي ڪوئلي تي دارومدار گهٽ ڪرڻ آهي. هن ??ال فيبروري ۾ ??زي??اعظم ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ جي ٽئين يونٽ ڪي – ٿري جو پڻ افتتاح ڪيو جيڪو 1100 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندو. ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ 60000 ميگاواٽ جي غيراستعمال شده پن بجلي جي صلاحيت موجود آهي. پن بجلي جي پيداوار طرف اڳڀرائي ڪندي ڊسمبر 2022ع ۾ ??زي??اعظم منگلا پاور اسٽيشن جي ٻن تجديد شده يونٽن جو افتتاح ڪيو. انهن يونٽس کي آمريڪا جي عالمي ترقي بابت اداري (يو ايس ايڊ) جي مالي معاونت ??ان اپ گريڊ ڪيو ويو جنهن ??ان ٽرانسميشن سسٽم ۾ 70 ميگاواٽ بجلي جو اضافو ٿيو آهي. دستياب انگن اکرن موجب پاڪستان جو توانائي جو ساليانو درآمدي بل 27 بلين ڊالر ۽ ڳڻتي جوڳي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ان کي فوري طور تي شمسي، هوا، هائيڊل ۽ نيوڪليئر سميت توانائي جي متبادل مقامي ذريعن کي ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جو توانائي جو شعبو هن وقت تيل ۽ گئس جي درآمدات تي تمام گهڻو دارومدار ڪري ٿو تنهن ڪري ??زي??اعظم شهباز شريف جي حڪومت ان دارومدار کي گهٽ ڪرڻ ۽ صاف توانائي جي مقامي ذريعن طرف وڌڻ جي لاءِ وڏا قدم کنيا آهن. سڀ کان اڳ ترقي بابت سعودي فنڊ (ايس ايف ڊي) اپريل ۾ پاڪستان جي مهمند ملٽي پرپز ڊيم پراجيڪٽ جي لاءِ 240 ملين ڊالر جي قرض معاه??ي تي صحيحون ڪيون هيون. هن مهيني قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (ايڪنڪ) پڻ 1.2 ٽريلين رپين جي لاڳت جي ديامير ڀاشا هائيڊرو پاور جنريشن پراجيڪٽ جي منظوري ڏني. شهباز شريف حڪومت اڳ ۾ ئي چيني ڪمپنين جي تعاون ۽ سيڙپڪاري حاصل ڪندي پاڪستان ۾ انهن ٻن وڏن هائيڊرو پراجيڪٽس جي تعمير ۾ مصروف آهي ته جيئن گهٽ لاڳت ۽ پائيدار توانائي ??ان بجلي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي سگهي.