اسلام آباد – 05– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي مالي خودمختياري جي لاءِ مخصوص نوڪريون پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آ??ي ته خصوصي ماڻهن جي حوصلا افزائي ۽ مدد سرڪاري ۽ نجي شعبن جي گڏيل ذميواري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان فائونڊيشن فائٽنگ بلائنڊنس جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر انيس الرحمان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. هن چيو ته خصوصي ماڻهن کي ڪارائتو شهري بڻائڻ جي لاءِ تربيت ۽ مخصوص مهارتن سان ليس ڪرڻ جي ضرورت آهي، معاشري کي خصوصي ماڻهن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. صدر حڪومتي ۽ نجي شعبن تي ڏسڻ کا?? مح??وم ماڻهن کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته روين ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جي لاءِ خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ مسئلن بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر انيس الرحمان ص??ر کي اکين کا?? مح??وم ماڻهن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن کا?? آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ص??ر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته فائٽنگ بلائنڊنس فائونڊيشن گذريل 10 سالن دوران 50000 کا?? وڌيڪ ڏسڻ کا?? مح??وم ماڻهن جي زندگين کي بدلايو، ڏسڻ کا?? مح??وم ٻارن خاص طور تي اسلام آباد، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڇوڪرين کي درپيش سڀ کا?? وڏو چئلينج هاسٽل جي سهولتن جي کوٽ آهي. ص??ر کي ان ڳالهه کا?? آگاهه ڪيو ويو ته ڏسڻ کا?? مح??وم شاگردن کي درپيش هڪ وڏو مسئلو امتحانن دوران لکڻ جي لاءِ معاونين جي عدم دستيابي آهي.