اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جهڙي اسرندڙ ملڪ کي علاج جون سهولتون مهانگيون هجڻ جي ڏس ۾ صحت جي حو??لي سان احتياطي تدبيرن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته ڏندن جي ڊاڪٽرن کي و??ت جي صفائي بابت عوامي آگاهي جي ذريعي احتياطي ڏندسازي کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هو ”انٽرنيشنل اورل پيٿالوجي ۽ ايسٿيٽيڪ ڊينٽسٽري ڪانفرنس“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته علاج مهانگو هجڻ جي ڪري صحت جي احتياطي سارسنڀال وڌيڪ اهم آهي. اورل پيٿالوجي ڊينٽسٽ، پروفيسرز ۽ شاگردن تي ٻڌل ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن تي زور ڏيندي هن چيو ته ڏندن کي باقاعدگي سان برش ڪرڻ سان و??ت جي بيمارين کان اٽڪل 99 سيڪڙو بچاءُ ممڪن آهي، ان حو??لي سان هن حديثن جو حوالو ڏيندي چيو ته رسول ڪريم ﷺ ڪثرت سان مسواڪ جي استعمال جي تلقين ڪئي آهي. صدر ڏندسازي جي شعبي ۾ پنهنجي ڪيريئر جي ڪاميابين بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو جنهن ۾ اورل هيلٿ بابت وڏي پئماني تي آگاهي مهم به شامل آهي. ڏندسازي جي اهميت تي روشني وجهندي هن ڏندن جي ڊاڪٽرن تي زور ڏنو ته اهي و??ت جي صفائي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ماڻهن سان رابطو قائم ڪن، هن ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا دوران سمورين ڌرين جي تعاون سان هلايل ڪامياب مهم جو پڻ حوالو ڏنو. هن چيو ته پروفيشنل ڊاڪٽرن کي پنهنجي موقف کي نئرن سر ترتيب ڏيندي احتياطي صحت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن ماڻهن کي و??ت جي بيمارين کان بچاءُ ۾ مدد ملي سگهي. ان موقعي تي ص??ر و??ت جي ڪينسر جي پهرين رجسٽري جو پڻ افتتاح ڪيو. هن چيو ته و??ت جي صحت سان گڏوگڏ و??ت جي ڪينسر جي روڪٿام تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن پان ۽ و??ت جي ڪينسر جو سبب بڻجندڙ ٻين نشي اور شين جي استعمال ۽ وڪري جي روڪٿام جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي صدر پاڪستان فيڊريشن آف ليزر ڊينٽسٽري جو پڻ افتتاح ڪيو ۽ ڪانفرنس جي منتظمين ۽ تعاون ڪندڙن ۾ شيلڊز ورهايون. ان کان اڳ پاڪستان سوسائٽي آف اورل اينڊ ميڪسيلو فيشل پيٿالوجي (پي ايس او ايم)، فيڊرل زون جي صدر ڊاڪٽر جوهريه اظهر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جتي و??ت جي ڪينسر جي رجسٽري نه هئي. هن ان شعبي ۾ نئين رجحانن تي غور ڪندي ليزر ۽ ڏندسازي جي اداري جي ضرورت تي پڻ روشني وڌي. هن چيو ته و??ت جي ڪينسر جي رجسٽري نيٽ ورڪ کي وسيع ڪ??ڻ جي لاءِ حصيدارن سان حصيداري قائم ڪرڻ کانسواءِ ملڪ ۾ بيماري جي ڊيٽا کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪندي. پي ايس او ايم پي جي صدر نعمان رئوف چيو ته هي ڪانفرنس پروفيشنلز جي نيٽ ورڪ کي وسيع ڪ??ڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ته جيئن اهي ان شعبي ۾ نئين رجحانن تي ٻڌل ويزن کي اختيار ڪري سگهن. ان موقعي تي اسلام آباد وومين چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي فوڪل پرسن نعيمه انصاري صنعتي امتياز کانسواءِ بنيادي صحت جي فروغ ۾ وومين چيمبر جي ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته چيمبر ڪاروباري ماڻهن سان گڏوگڏ لاڳاپيل پروفيشنلز جي حصيداري سان خانداني منصوبابندي سميت توليدي صحت جي اهميت تي پڻ خاص ڌيان ڏنو آهي.