اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته حڪومت ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس ۽ فوري قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جا هاڃيڪار اثر درپيش آهن، موجوده حڪومت کي گذريل حڪومت جي بدانتظامي جي مسئلن کانسواءِ ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت جو مقابلو ڪرڻو پيو، غيرضروري درآمدات ۾ گهٽتائي ۽ برآمدات ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، سمورين مشڪل??تن جي باوجود حڪومت ڏينهن رات محنت سان ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري عالمي مالياتي فرم روٿ چائلڊ اينڊ ڪمپني جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ??زيراعظم ??يو ته حڪومت پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس ۽ فوري قدم کڻير هي آهي. هن وڌيڪ ??يو ته غيرضروري درآمدات ۾ گهٽتائي ۽ برآمدات ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جا هاڃيڪار اثر به درپيش آهن. وفد پاڪستان جي معاشي صورتحال کي مستحڪم قرار ڏيندي ??يو ته پاڪستان جي باصلاحيت افرادي ??وت ان جي اصل طاقت آهي. وفد وڌيڪ ??يو ته پاڪستان جي اسٽاڪ ايڪسچينج خطي جي بهتر ڪارڪردگي رکندڙ اسٽاڪ ايڪسچينجز مان هڪ آهي. وفد جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان تازن ڏينهن ۾ عالمي سطح تي موثر انداز ۾ موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن بابت آگاهي پيدا ڪئي، پاڪستان جي معيشت جي لاءِ موجوده حڪومت جا قدم ان کي مثبت رخ طرف گامزن ڪري رهيا آهن. ملاقات ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.