ڪراچي – 03 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي ڪارڪن راجا ناصر محمود جي لاڏاڻي ت?? گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير راولپنڊي جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري راجا ناصر محمود جي گهروارن سان تعزيت جو ??ظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جو ??ريڪ آهيان. الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.