ڪراچي – 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي جي دوري دوران غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن شازيه مري جي رهائشگاهه تي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شازيه مري کي پنهنجي ڌ??ءَ جي شادي تي مبارڪباد ڏني ۽ نئين شادي شده جوڙي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظها?? ڪيو. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعال??ٰ ان اهم سماجي ٻنڌڻ کي ٻنهي خاندانن جي لاءِ خوشين جو سبب بڻائي. ان موقعي تي توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ موجود هئا.