اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اتحادي حڪومت جي سڀ کان وڏي ڪاميابي ملڪ کي پراجيڪٽ عمران کان پاڪ ڪرڻ آهي، ملڪ کي سڀ کان وڏي فارن ايجنٽ، فتني ۽ مافيا کان ڇوٽڪارو ڏياريو، سدائين ملڪ ۽ معيشت کي مشڪلاتن م??ن ڪڍيو آهي، عمران پراجيڪٽ ملڪ کي معاشي ڏيوالپڻي طرف ڌڪيو، اڄ ملڪ ۾ مهانگائي، معاشي تباهي ۽ سياسي عدم استحڪام عمران پراجي??ٽ جي ڪري آهي. عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان م??لم ليگ (ن) 2018ع ۾ ملڪ کي تاريخي معاشي استحڪام ۽ عوام کي سستي ماني، کنڊ، اٽو، بجلي، گئس، پيٽرول، نوجوانن کي روزگار، ملڪ کي ترقي، سي پيڪ، 14 هزار ميگاواٽ بجلي ۽ دهشتگردي کان پاڪ پاڪستان ڏئي وئي هئي. مسلم ليگ (ن) ملڪ کي تاريخي 6.2 سيڪڙو تي رکي ۽ آءِ ايم ايف جو پروگرام مڪمل ڪري ڏئي وئي هئي. هن چيو ته 4 سالن ۾ عمران پراجيڪٽ ملڪ جو معاشي ڏيوالپڻو ڪيو، نوجوانن کي بيروزگار ڪيو، ملڪ کي دهشتگردي ڏني، ترقي روڪي ڇڏي. وفاقي وزير چيو ته عمران پراجيڪٽ 4 سالا عوام کي غربت، مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيسڻ، اٽو، کنڊ، داليون ۽ تيل مهانگو ڪيو، اڄ ملڪ ۾ ماني مهانگي آهي ته عمران پراجي??ٽ جي ڪري اڄ سخت شرطن وارو آءِ ايم ايف جو پروگرام عمران پراجي??ٽ جو عوام کي ڏنل تحفو آهي، 4 سال عمران فا??ن فنڊيڊ پراجيڪٽ ملڪ جي پرڏيهي ل??ڳا??ن کي تباهه ڪري عالمي سطح تي اڪيلو ڪيو. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ مهانگي بجلي ۽ گئس عمران پراجي??ٽ جي ڪري آهي، 4 سال تباهي مچائي مهانگائي جو طوفان آڻي اڄ اليڪشن اليڪشن جي رٽ لڳائي ويو هوندو. عمران خان 2018ع ۾ ملڪ تي مڙهڻ واري اليڪشن جي ڳالهه ڪري سگهي ٿو، اليڪشن وڙهي نه ٿو سگهي.