اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تخت بيگ ۾ پوليس چيڪ پ??سٽ تي ح??لي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي مذمتي ب??ان ۾ هن چيو ته پوليس اهلڪارن جي شهادت تي ??مام گهڻو افسوس ٿيو آهي، دهشتگرد، انهن جا سرپرست ۽ سهولتڪار سزا کان بچي نه ٿا سگهن، بهادر پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پوليس جي جوانن جي وطن جي لاءِ قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. بلاول ڀٽو زرداري شهيد پوليس اهلڪارن جي خاندانن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو آهي.