اسلام آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي پنجگور، بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي دهشتگردي جي خلاف قوم جي ا??ٿڪ عزم کي ورجايو آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر دهشتگردي جي خلاف قوم جي ا??ٿڪ عزم کي ورجايو. هن دهشتگرد حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي 4 اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي خدمتن ۽ ملڪ جي لاءِ عظيم قرباني تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيد اهلڪارن جي بهادري تي انهن کي سلام پيش ڪيو. صدر پنجگور دهشتگرد حملي جي شهيدن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.