اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ ??اڪ??تان ٽيليويزن جو سڀ کان وڏو ورچوئل اسٽوڊيو ٽيڪنالاجي جو گيپ ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، ??اڪ??تان ٽيليويزن وٽ سمورا اثاثا موجود آهن رڳو انهن کي بهترين ??ري??ي سان استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو بجلي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان سان گڏ ??اڪ??تان ٽيليويزن جي ورچوئل اسٽوڊيو جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪري رهي هئي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پي ٽي وي جو ايم ڊي سهيل علي خان ۽ پيمرا چيئرمين سليم بيگ پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڄ پي ٽي وي جي عملي ۽ انتظاميا جي ڪوششن سان پي ٽي وي ۾ آءِ ٽي رکندڙ سلوشنز استعمال ٿي رهيا آهن جيڪا جديد دور جي گهرج آهي. هن چيو ته ورچوئل اسٽوڊيو جو قيام ??اڪ??تان ٽيليويزن جو هڪ ٻيو س??گ ميل آهي، ان کي ??اڪ??تان جي سڀ کان وڏي ورچوئل اسٽوڊيو هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. پي ٽي وي نيوز صحيح خبرن سان گڏ هاڻي جديد انداز ۾ ڪم ڪندو. ورچوئل اسٽوڊيوز ??اب?? شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ??اڪ??تان ٽيليويزن جو اسٽيٽ آف دي آرٽ ورچوئل سيٽ قومي علائقائي ۽ عالمي خبرن سان گڏوگڏ موسم ۽ راندين جي خبرن ۽ حالات حاضره جي پروگرامن کي پڻ جديد انداز ۾ عوام آڏو پيش ڪندو. ??اڪ??تان ٽيليويزن پنهنجي 58 سالا سفر دوران ترقي جون ڪيتريون ئي منزلون طئي ڪيون آهن. ??اڪ??تان ٽيليويزن نيوز پنهنجي سڀ کان وڏي ورچوئل اسٽوڊيو سان هاڻي عوام کي جديد انداز ۾ خبرون، تجزيا ۽ ??اڪ??تان جي حقيقي موقف کان باخبر رکندو. ورچوئل اسٽوڊيو جي قيام سان قومي، علائقائي خبرون، سياست، ثقافت، تعليم، حالات حاضره ۽ عالمي معاملن جي حوالي سان پي ٽي وي نيوز جا ناظرين جديد انداز ۾ آگاهه ٿي سگهندا. اسٽوڊيوز جي ذريعي موسم جي خبرن سان گڏوگڏ راندين جي ميدان ۾ پڻ ناظرين کي آگاهه رکيو ويندو. بهترين آڊيوز، هائي ڊيفينيشن، خوبصورت گرافڪس پي ٽي وي نيوز جي اسڪريم جو حصو هوندا.