اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي)صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي ڪٽنب سان ٽيليفون تي رابطو ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو. سومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ ??ان ج??ري بيان مطابق صدر مملڪت شهيد نائيڪ تاج محمد ۽ لانس نائيڪ امتياز احمد جي گ??ر ڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪيو. ٻئي 15 نومبر تي ضلعي باجوڙ جي علائقي هلال خيل جي حملي ۾ شهيد ٿيا. صدر مملڪت شهيدن جي والدين سان ڳالهايو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اوهان جي پُٽن جون خدمتون ڪڏهن به وِس??ري نه سگهبيون، قوم وطن جي بهادر پُٽن کي خراجِ عقيدت پيش ڪري ٿي. صدر مملڪت دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ سندن روح کي ابدي سڪون عطا فرماءِ. هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي باقيات جي م??مل خاتمي تائين اسان جون ڪوششون ج??ري رهنديون.