اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) مصر ۾ رٿيل ڪوپ 27 جي هاڻوڪي سربراهه اجلاس ۾ موسمياتي انصاف لاءِ قيادت ڪرڻ ۽ ايجنڊا ۾ نقصانن کي شامل ڪرائڻ پاڪستا?? جي تمام وڏي ڪاميابي آهي، پاڪستان امير ملڪن کان غريب ملڪن کي ان بحرا?? جي ازالي ڪرڻ لاءِ مطالبي جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي، جنهن بحران جو سبب هو نه آهي. آمريڪي رسالي فارن پاليسي پنهنجي هاڻوڪي مضمون ۾ چيو آهي ته پاڪستان گذريل هڪ ڏهاڪي کان موسمياتي تباهيءَ جو شڪار آهي، عالمي سطح تي ڪارب?? جي نيڪال ۾ ان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر ان کي انتهائي ماحولياتي تبديليءَ جو سڀ کان وڏو خطرو آهي. آسٽريلوي صحافي ۽ ڪالم نگار اوڊونيل لائيني جي لکيل مضمون ۾ چيو ويو آهي ته مون سون بارشن ۽ ٻوڏ سبب پاڪستان جو هڪ ڀاڱي ٽيو حصو ٻوڙي ڇڏيو جنه?? جي نتيجي 2 ۾ هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، فصل تباهه ٿي ويا، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، جڏهن ته پاڪستا?? جي معيشت کي ٿيل نقصان جو ڪاٿو 40 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي. گذريل هفتي مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ گڏيل قوم?? جي موسمياتي تبديليءَ جي ڪانفرنس ڪوپ 27 ۾ وزيراعظم شهباز شريف جو خطاب جو حوالو ڏيندي مضمون نگار چيو ته پاڪستان هڪ اهڙي انساني آفت جو شڪار آهي جنهن سان اسان جو ڪوبه تعلق ناهي. ڪوپ 27 ج?? وائيس چيئر طور وزيراعظم شهباز شريف ماحولياتي تبديليءَ سب?? ٿيل انهن نقصا?? جي مالياتي طريقه ڪار تي زور ڀريو جيڪو اُسرندڙ ملڪن کي پابند ڪندو ته هو متاثرن ملڪن کي ماحولياتي تبديلي?? جي اثر?? جي ادائگيءَ ۾ مدد ڪري ۽ توانائيءَ کان محروم ملڪن کي ان جو حصو بڻجڻ کان روڪي ۽ کين توانائي جي صاف سٿري ذريع?? جي منتقلي ۾ مدد فراهم ڪري. ڪوپ 27 ۾ اهو سوال ڇانيل رهيو ته امير ملڪ غريب ملڪ?? جي آبهوا جي چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪهڙيءَ طرح مدد ڪري سگهن ٿا. هاڻوڪي سربراهي اجلاس لاءِ تيار ڪيل هڪ رپورٽ مان خبر پوي ٿي ته اُسرندڙ ملڪن کي تقريبن هڪ ٽريلين ڊالر ساليانو پرڏيهي موسمياتي فنانس?? جي ضرورت هوندو.