اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن وا??ي وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثر ماڻهن جي امداد ۽ بح??لي جي ڪمن ۾ سنڌ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي. هن اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ۾ چئي. اجلاس ۾ اطلاعات وا??و صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ايف بي آر چيئرمين، ناڻي وا??و سيڪريٽري ۽ سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. ناڻي وا??ي وزير اسحاق ڊار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ بح??لي جي ڪمن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير ناڻي وا??ي وزير کي غير معمولي ٻوڏ سب?? ٿيل نقصانن ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ۽ بح??لي جي ڪمن کان آگاهه ڪيو، ناڻي وا??ي وزير ٻوڏ جي تباهڪارين سب?? پيدا ٿيل هن مشڪل گهڙي ۾ وفاقي حڪومت ، سنڌ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، هن ٻوڏ متاثر ماڻهن جي رليف، بح??لي ۽ صوبي جي ترقي لاءِ وفاقي حڪومت جي مڪمل سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي.